بوهي جا قبا

بوهي جا قُبا: هي آثار اصل ۾ ٿهيم خاندان جي پٺاڻن سان جنگ جا آهن، جيڪي شڪارپور کان ٽيهه ڪلوميٽر اولهه طرف، انڊس هاءِ وي لڳ ڊکڻ ۽ رتيديري جي وچ تي واقع ”بوهي جا قبا“ جي نالي سان مشهور آهن. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٿهيمن ۽ پٺاڻن ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٿهيم شهيد ٿي ويا. ان کان پوءِ 1781ع ۾ انهن جي گهر وارين مقبرا ٺهرايا. هڪ صاحب خان ٿهيم جو، ٻيو دلاور خان ٿهيم جو ۽ ٽيون جلال خان ٿهيم جو مقبرو آهي. جڏهن ته چوٿون ننڍو مقبرو جعفر شاهه نالي هڪ بزرگ جو آهي، اهڙي قسم جي سروي مهراڻ ايڪسپلورنگ ٽيم پنهنجي مطالعاتي دوري دوران ڪئي آهي. ٽيم جي چيئرمئن وجاهت حسين مهر چيو ته ڪنهن به تاريخدان ۽ آثار قديمه جي ماهر، بوهي جي قبن تي تحقيق نه ڪئي آهي. هينري ڪزنس جو ڪتاب (سنڌ جا قديم آثار) سنڌي ادبي بورڊ وارن ترجمو ڪري ڇپايو آهي، ان ۾ ٿهيمن جي مزار وارن قبن کي يارمحمد ڪلهوڙي جو مقبرو ڄاڻايو ويو آهي، جيڪا غلطي درست ڪرڻ گهرجي. هن وقت بوهي جا قبا ميسارجي رهيا آهن. مقبرن جي حالت بلڪل زبون آهي.


لفظ بوهي جا قباھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1781.00.00  عيسوي

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٿهيمن ۽ پٺاڻن ۾ جنگ لڳي ، جنهن ۾ ٿهيم شهيد ٿي ويا . ان کان پوءِ 1781ع ۾ انهن جي گهر وارين مقبرا ٺهرايا



قديم آثار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برهمڻ آباد
احمد شاهه
الهه بند
ٻلاري ڪوٽ
آمري جو دڙو
الياس محمد ڪلھوڙي جو مقبرو
ستي اسٽون
ٻنڌڻي
جهڏير جو دڙو
اونگر
قديم آثار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون